سچل سرمست يادگار ڪاميٽي تعارف ۽ پسمنظر

سچل سرمست يادگار ڪاميٽي تعارف ۽ پسمنظر

سچل سرمست يادگار ڪاميٽي تعارف ۽ پسمنظر

سچل سرمست يادگار ڪاميٽي: تعارف ۽ پسمنظر (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان ۽ متحرڪ ليکڪ قربان منگيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ’سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ‘ جي قيام جو پسمنظر ۽ تعارف شامل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ پبلشر نوٽ، مولا بخش لاڙڪ جو لکيل آهي. ان بعد اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، چيئرمئن سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ جي چيئرمئن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر خيرپور محمد عباس بلوچ جا پيغام ڏنا ويا آهن. ’پٺيءَ ڄڃ م ڄل‘ عنوان سان مرتب سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ جي قيام سان پنهنجي ٽن ڏهاڪن جي وابستگي، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر غلام محمد ميمڻ جو سچل سرمست جي ميلي، ادبي ڪانفرنس ۽ ’سرمست‘ ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ڪتاب ۾ شامل مواد بابت ذڪر ڪيو ويو آهي.
ان بعد سچل ڪوآپريٽوِ اڪيڊمي لميٽڊ جي بنيادي عهديدارن، سچل سرمست عرس آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا تفصيل ڏنا ويا آهن.
ڪتاب جو خاص حصو ’سچل سرمست يادگار ڪاميٽي: تعارف ۽ پسمنظر‘ مضمون ۽ 1981ع ۽ 1982ع جي اوائلي ميلن ۽ ڪانفرنس رپورٽن تي مشتمل آهي، جيڪو مرحوم هادي بخش لاڙڪ جو لکيل آهي. آخر ۾ سچل جي عاشق محمد علي مراد مرحوم جو، مرحوم هادي بخش لاڙڪ جي رپورٽ کان پوءِ جو احوال ’سچل سرمست يادگار ڪاميٽي: تعارف ۽ پسمنظر‘ (واڌارو- I) شامل آهي.
ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ خيرپور پاران مئي 2011ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو ملهه 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو